اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اشتهار ذريعي طلبي واري عدالتي حڪم تي عملدرآمد

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اشتهار ذريعي طلبي واري عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪيو ويو، حڪومت العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي طلبي جو اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرائي ڇڏيو، مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته ايونِ فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 6 جولاءِ 2018ع تي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي، کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل به قرار ڏنو ويو، ايون فيلڊ ريفرنس تي اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ٻڌڻي دوران نواز شريف پيش ٿيڻ جو پابند هو، نواز شريف جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا، پر اُنهن جي تعميل نه ٿي سگهي، اشتهار ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف 24 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔