وزيراعظم عمران خان جي پارليمينٽ حملي ڪيس ۾ بريت جي درخواست تي فيصلو 29آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي پارليمينٽ حملي ڪيس ۾ بريت جي درخواست تي فيصلو 29آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو وزيراعظم عمران خان جي وڪيل کي لکت ۾جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خلاف ڪيس رد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به 29 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو، وڪيل شاهد نسيم جو چوڻ آهي ته عدالت اسان کي نوٽيس ڏيندي ته شاهه محمود قريشي جواب جمع ڪرائي ڇڏيندو، جج راجا جواد عباس جو چوڻ هو ته پوڻن چئن سالن کان نوٽيس ڏئي رهيا آهيون، هن ڀيري ڌمڪي ڏئي رهيا آهيون، عدالت طرفان نوٽيس اچن يا ڌمڪي، اسان کي قبول آهي، پي ٽي وي حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان جي وڪيل کي 12نومبر تي ٻيهر دليل ڏيڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي، هدايت ۾ چيوويو ته جيڪڏهن عليم خان جي ڪورونا پازيٽو آئي ته عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔