سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي اسان جي پيج تي اچڻو پوندو يا وري کين گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور/گجرانوالا :سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي اسان جي پيج تي اچڻو پوندو يا وري کين گهر وڃڻو پوندو، عمران خان ۽ سندس سليڪٽرز جي تبديلي ۾ رڳو بحران ئي بحران آهي، پهريون ڀيرو ملڪي معيشت تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي، عمران خان کي هر مسئلي جو حل رڳو ٽائيگر فورس ۾ نظر اچي ٿو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو گجرانوالا ۾ جلسي ۾ خطاب، بلاول ڀٽو چيو ته اڪبر ايس بابر چوي ٿو پي ٽي آءِ کي سموري فنڊنگ ڀارت مان ٿي پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، بي آر ٽي سڀ کان مهانگو منصوبو آهي، پر ان جو به ڪير نوٽيس نٿو وٺي، ڪرپشن جي خاتمي جا واعدا ڪندڙ عمران خان ڪرپشن جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔