سليڪٽيڊ عمران خان کي اين آر او نه ڏينداسين:مريم نواز

لاهور / گجرانوالا ؛ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي گجرانوالا جي پهرين پاور شو ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڄ لاهو رکان گجرانوالا تائين هڪ ئي نعرو هيو گو نيازي گو نيازي. مريم نواز چيو ته سليڪٽيڊ عمران خان کي اين آر او نه ڏينداسين. عمران خان آرام سان ويندي يا عوام ڌڪا ڏئي ڪڍئي. عمران خان جيڏانهن به ويندو عوام کيس پناهه نه ڏيندو. اڄ ڪاروبار کي تالا لڳي ويا آهن. عوام جي ووٽ سان حڪومت کي اچڻ ۽ وڃڻ گهرجي. احتساب ڪرڻ عوام جو حق آهي ڪير ٻيو ڪري ٿو ته ان کان اها طاقت کسي پئي وڃي. مريم نواز چيو ته جڏهن ووٽ کي عزت ناهي ملندي ته عوام جو اهو حال ٿيندو آهي جيڪو اڄ پاڪستان ۾ آهي. سليڪٽيڊ حڪومت اسان کي مافيا سڏيندي هئي اڄ ٻڌايو ته مافيا ڪير آهي. عمران خان جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون جڏهن منظر تي اينديون ته عوام ڪنن تي هٿ ڏيڻ تي مجبور ٿيندو. مريم نواز جلسي ۾ موجود ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته واعدو ڪيو اٽي، کنڊ چورن کان حساب وٺندو؟ هي ڪير چوندو هو ته عوام چوندو ته استعيفيٰ ڏيندس. توهان جي چونڊيل نمائندي کي هڪ اقامي تي ڪڍيو ويو، اڄ ان جو ڪيس کڻي آئي آهيان. ليڊي هيلٿ ورڪر توڙي سرڪاري ملازم سراپا احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔