عوام پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو ته جعلي حڪمران ڊسمبر جو مهينو به نه ڏسي سگهندا:مولانا فضل الرحمان

گجرانوالا : عوام پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو ته جعلي حڪمران ڊسمبر جو مهينو به نه ڏسي سگهندا، سليڪٽر چون ٿا ته اسان جو نالو نه کڻو، توهان جمهوريت کي چوڪ تي ذبح ڪيو ۽ جعلي حڪمرانن کي تخت تي ويهاري ڇڏيو، اسان ڪيئن خاموش رهي سگهون ٿا، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياست کي ڪنهن جي به هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ادارن طرفان سياست ۾ مداخلت تي معافي وٺڻ تائين تحريڪ جاري رکي ويندي، گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جَي جلسي کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان ٻيٽن تي وفاقي والار کي غيرآئيني قرار ڏيندي چيو ته جعلي حڪمران ساحلي پٽي ۽ سامونڊي حدن تي صوبن کان اختيار کسڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهن، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، صوبن جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔