ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ناليواري ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي سڀ کان وڌيڪ 10 ملين (هڪ ڪروڙ ) فالوئر رکندڙ ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا اڄڪلهه جاپان ۾ ئي آهي ۽ پنهنجي ڀيڻن سان گڏ انجواءِ ڪري رهي آهي.
جاپان ۾ هجڻ باوجود جنت مرزا پاڪستاني مداحن سان رابطي ۾ رهندي آهي ۽ انهن لاءِ پنهنجون پوسٽون پڻ شيئر ڪندي رهندي آهي.
گذريل ڏينهن جنت مرزا سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا، ان دوران هڪ عورت مداح کانئس پڇيو ته ڇا توهان جاپان شفٽ ٿي رهيا آهيو؟ جنهن تي جنت مرزا مختصر جواب ڏيندي چيو ته ”جي“.
جنت مرزا جي اهڙي جواب تي سندس مداح پريشان ٿي ويا ۽ کانئس اهو ئي سوال ڪندا رهيا ته ڇا توهان واقعي جاپان شفٽ ٿي رهيا آهيو؟
ٽڪ ٽاڪ اسٽار مداحن کي جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان تمام پيارو ۽ سٺو آهي پر پاڪستان جي ماڻهن جي ذهنيت سٺي ناهي.
جنت مرزا پنهنجي جواب جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔