مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏي ڏنو

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيف سلڪيٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
مصباح الحق وٽ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جا عهدا هئا پر هن چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ جو باقاعدي طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته عهدو ڇڏڻ جي حوالي سان مختلف ڳالهيون ڪيون پئي ويون پر انهن ۾ ڪا صداقت ناهي، جيڪڏهن افواهن ۾ سچ هجي ها ته ٻئي عهدا وڃن ها.
هن وضاحت ڪندي چيو ته عهدو ڇڏڻ جو سبب پي سي بي چيئرمين احسان ماني يا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ناهي پر اهو منهنجو ذاتي فيصلو آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ 10 ڪمٽمنٽس آهن، تنهن ڪري هي عهدو ڇڏي رهيو آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مون کي اهو آپشن ڏنو هو ته چاهيو ته هڪ عهدو ڇڏي ڏيو.
سندس چوڻ هو ته مان چيف سليڪٽر جي ذميواري 30 نومبر تائين نڀائيندس ۽ زمبابوي خلاف سيريز لاءِ رانديگرن جي چونڊ به مان ئي ڪندس، اڳتي ڪوچنگ تي فوڪس رکندس ۽ جيڪو به چيف سليڪٽر جي عهدي تي آيو، ان سان گڏجي ڪم ڪندس.
واضح رهي ته قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباالحق کي 4 سيپٽمبر 2019 ۾ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جون ذميواريون ڏنيون ويون هيون ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي شخص کي اهي ٻه عهدا ڏنا ويا هئا، جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن تنقيد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔