ڀارت ۾ رڪارڊ برسات، مختلف حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت

نئين دهلي: ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾ رڪارڊ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حيدرآباد جي پوليس ڪمشنر موجب ان شهر ۾ تيز مينهن سبب ڪيترائي گهر ڪِري پيا.
تلنگانه رياست ۾ برساتن سان جڙيل ٻين حادثن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
رپورٽن موجب ٻوڏ سبب حيدرآباد ايئرپورٽ کي شهر سان ملائيندڙ روڊ جو ڪجهه حصو به وَهي ويو آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال جون کان هيل تائين تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال ۾ 550 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، جڏهن ته لکين بي گهر ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔