بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مختصر ترين فارميٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
پي سي بي هلندڙ سال مئي ۾ نوجوان بيٽسمين بابر اعظم کي هڪ سال لاءِ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو ۽ پوءِ نومبر ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ٻين ٽيمن خلاف شيڊيول سيريز ۾ سندس ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مستقبل ۾ کيس ڪپتان برقرار رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو ڪرڻو هو پر عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿي چڪو آهي.
2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شيڊيول آهي پر ان حوالي سان اڃا تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان 22-2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزبان جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ڇو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ اڳتي ٿي وئي آهي، تنهن ڪري پي سي بي بابر اعظم جي عهدي جي مدي ۾ به ورلڊ ڪپ تائين واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته بابر اعظم ون ڊي ٽيم جو ڪپتان پڻ آهي ۽ هو پهريون ڀيرو زمبابوي خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔