مصباح الحق چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: مصباح الحق چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهن جو هو اڄ پريس ڪانفرنس ۾ باضابطا اعلان ڪندو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو باضابطا اعلان اڄ شام پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو .

ذريعن جو چوڻ آهي ته مصباح الحق قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي حيثيت سان ڪم جاري رکندو .

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق کي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون 4 سيپٽمبر تي ڏنيون ويون هيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔