حڪومت جي وٺ پڪڙ باوجود نه جلسو ملتوي ٿيندو ۽ نه ئي قافلن کي روڪي سگهجي ٿو:سعد رفيق

لاهور : حڪومت جي وٺ پڪڙ باوجود نه جلسو ملتوي ٿيندو ۽ نه ئي قافلن کي روڪي سگهجي ٿو، 16 آڪٽوبر تي گجرانوالا ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪريڪ ڊائون جي پوزيشن ۾ نه آهي، ڪريڪ ڊائون ٿيو ته اُن جو ردعمل به وڏو ايندو، مارشل لا دور ۾ غداري جا ڪيس داخل ٿيندا آهن، افسوس آهي جو موجوده حڪومت ۾ غداري جي ڪيسز سان پاڪستان مٿان دُنيا کِلي آهي، عمران خان انتقام بدران عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري ها ته قصو هلي وڃي ها، حڪومت لاءِ ايندڙ ڏينهن تمام ڳرا هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔