پاڪستان ڳري اڪثريت سان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو

گڏيل قومون: پاڪستان کي ڳري اڪثريت سان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل (ايڇ آر سي) جوميمبر چونڊيو ويو آهي ۽ 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان 169 ووٽ حاصل ڪيا .

ڪائونسل جي 4 سيٽن لاءِ ايشيا پيسفڪ خطي مان 5 اميدوار آمهون سامهون هئا جن مان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا .

واضح رهي ته پاڪستان 2018 کان ايڇ آر سي ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن ٿيل چونڊن ۾ پاڪستان کي وڌيڪ 3 سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو آهي ،اها ميمبر شپ پهرين جنوري 2021 کان ٿيندي.

ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي اعتماد ظاهرڪيو ۽ انساني حقن جي ڪائونسل ۾ گڏيل اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ قومي ۽ عالمي انساني حقن جي ايجنڊا ۾ اسان جي خدمتن کي تسليم ڪيو .

اس حوالے سے اقوام متحدہ میں پاکستان کے مستقل مشن کی جانب سے جاری بیان میں کہا کہ عالمی برادری نے ایک بار پھر پاکستان پر اعتماد کا اظہار کیا اور انسانی حقوق کونسل میں اتفاق رائے پیدا کرنے کے لیے قومی اور عالمی انسانی حقوق کے ایجنڈے میں ہماری خدمات کو تسلیم کیا۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔