نااهلي ڪيس: مصطفيٰ ڪمال جو حلف نامو ڪوڙو نڪتو ته نتيجا خطرناڪ هوندا: اليڪشن ڪميشن

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم ۽ چيئرمين پي ايس پي مصطفيٰ ڪمال جي نااهلي بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو حلف نامو ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. درخواست ڏيندڙ سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال 1994ع کان 2002ع تائين ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ۾ ملازمت ڪندو هو. مستقل غير حاضري ۽ مس ڪنڊڪٽ تي مصطفيٰ ڪمال کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو هو.

سلمان مجاهد بلوچ جو اهو به چوڻ هو ته قانون موجب نوڪري مان برطرف شخص ڪنهن به عوامي عهدي يا اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ نااهل هوندو آهي پر ان جي باوجود مصطفيٰ ڪمال پي ايس 117 ۽ سٽي ناظم جي لاءِ اليڪشن وڙهيو. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ درخواست ۾ اهو به چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جا اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ بدنيتي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هئا. مصطفيٰ ڪمال کان پگهارون ۽ مختلف مراعتون واپس ورتيون وڃن.

سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال کي پي ايس پي چيئرمين جي حيثيت سان به ڪم کان روڪيو وڃي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مصطفيٰ ڪمال 2020 ۽ 2005 جي چونڊن ۾ حصو ورتو.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو حلف نامو ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. جنهن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔