آمريڪا ۾ وڪالت پڙهندڙ شاگردياڻي امتحان دوران ٻارڙي کي جنم ڏنو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ وڪالت جو امتحان ڏيندڙ ڳورهاري عورت آن لائن پيپر دوران صحتمند ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو.آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽن موجب رياست ايلنوائي ۾ لويولا يونيورسٽي شڪاگو جي شاگردياڻي برينانا بل کي ان ڳالهه جو ته اندازو هو ته امتحاني پيپر دوران هو ڳورهاري هوندي پر کيس اها خبر نه هئي ته 90 منٽن جي پيپر دوران ئي هو ٻارڙي کي جنم ڏيندي.برينانا صحافين کي ٻڌايو ته مان مطمئن آهيان ته امتحانن جي تاريخ ان ڏينهن جي آهي جڏهن مان 28 هفتن جي ڳورهاري هوندس پر ڪورونا وبا سبب تاريخ ۾ تبديلي ٿي جنهن کان پوءِ اهڙي نئين تاريخ ڏني وئي جڏهن منهنجا 38 هفتا پورا ٿيڻا هئا.وڪالت پڙهندڙ شاگردياڻي وڌيڪ ٻڌايو ته 90 منٽن جا چار پيپر جن ۾ 2 هڪ بئي پٺيان ٿيڻا هئا پر پهرين ئي ڏينهن اڳ پيپر جي دوران ويم جي تڪليف شروع ٿي پر اهو مرحلو مون مڪمل ڪري ورتو. وقفي کان پوءِ ٻيو پيپر مڊوائف جي نگراني ۾ ڏنو ۽ فورن اسپتال پهتس جتي ٻار کي جنم ڏنو.برينانا موجب ٻئي ڏينهن پيپر هو جيڪو مون اسپتال ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ڏنو ۽ ان دوران منهنجو مڙس، ماءُ ۽ نرس ٻارڙي جي سار سنڀال ڪندا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔