نيب آفيس ۾ هنگامو ڪيس: راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور :لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيب آفيس ۾ هنگامي واري ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 15 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي عدالت ٻاهران ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 16 آڪٽوبر وارو جلسو عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽا ليگي اڳواڻن جي ضمانتن وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران راڻا ثناءُ الله، ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 15 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ڪريڪ ڊائون ڪيو يا طاقت سان جلسو روڪيو ته اسان جي دعويٰ ڪامياب ويندي. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لاءِ ڀاڙي جي ترجمانن جون ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون آهن، جڏهن استعيفائون اينديون ته انهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو اليڪشن ڪرائي سگهن، شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي…………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔