موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جي لهر دوران پارو 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي : نار بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڊپريشن ۾ تبديل، موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جي لهر دوران پارو 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، جاري ٿيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين سوڌو سنڌ جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ 8 ڏينهن تائين سخت گرمي هوندي، موسميات کاتي جي الرٽ بعد صحت کاتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ جي خدشي خصوصي وارڊز قائم ڪرڻ جي هدايت، ڊي جي هيلٿ جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي جي سهولت، او آر ايس ۽ ٻئي سامان جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي، ڊي ايڇ اوز ۽ اسپتالن جي ايم ايس کي روزانو شام جو هيٽ اسٽروڪ جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔