ذخيرو ڪندڙ ۽ مافيا حڪومت ۾ ويٺل آهن: شيري رحمان

اسلام آباد : پ پ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽائيگر فورس کي هدايتن کي وفاقي ڪابينا خلاف چارج شيٽ قرار ڏئي ڇڏيو، شيري رحمان چيو آهي ته ٽائيگر فورس کي ڪهڙي قانون تحت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، اهو ڪم ٽائيگر فورس جو نه پر حڪومت جو آهي، ذخيرو ڪندڙ ۽ مافيا حڪومت ۾ ويٺل آهن. وزيراعظم عمران خان پاران مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ ٽائيگر فورس کي هدايتون جاري ڪرڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي شيري رحمان چيو ته اڍائي سال ۾ وزيراعظم جي 11 ڀيرا نوٽيس وٺڻ باوجود مهانگائي گهٽ نه ٿي، نوٽيس سرڪار جي ايڪشن تي ويهتر مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙ ۽ مافيا حڪومت ۾ ويٺل آهن، وزيراعظم پنهنجي صفن ۾ ڳولا ڪري، ٽائيگر فورس کي مهانگائي تي نظر رکڻ جي هدايت وفاقي ڪابينا خلاف چارج شيٽ آهي. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اپوزيشن پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي، اهي استعيفائون ڏئي گهر هليا وڃن، سندن ڪم ٽائيگر فورس ڪندي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔