وبا جي باوجود اسان جي معيشت لاءِ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود اسان جي معيشت لاءِ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن.

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته سيپٽمبر 2020 ۾ پرڏيهه مان اسان جي محنتي پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جي سطح 2 ڏهائي 3 ارب ڊالرن تائين پهتي جيڪا گذريل سيپٽمبر کان 31 سيڪڙو جڏهن ته آگسٽ 2020 کان 9 سيڪڙو وڌيڪ آهي .

وزيراعظم عمران جو اهو چوڻ هو ته الحمدلله هي لڳاتار چوٿون مهينو آهي ته اهي پئسا 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رهيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔