بگ باس اسٽار ثناء خان اسلام خاطر شوبز جي دنيا کي ڇڏي ڏنو

ممبئي: ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 6 کان مشهوري ماڻيندڙ ڀارتي اداڪاره ثناء خان اسلام خاطر شوبز جي دنيا کي الوداع ڪري ڇڏيو.
اداڪاره سوشل ميڊيا تي سندس ڊگهي پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته هي منهنجي زندگيءَ جو تمام گهڻو خوشگوار وقت آهي، الله ان سفر ۾ منهنجي رهنمائي ڪري.
پوسٽ ۾ ثناء لکيو آهي ته آئون توهان سان زندگيءَ جي اهم موڙ تي مخاطب آهيان، آئون سالن کان شوبز ۾ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ ان وقت دوران مونکي هر قسم جي عزت شهرت ۽ دولت حاصل ٿي پر ڪجهه ڏينهن کان مون تي هڪ احساس غالب آهي ته ڇا انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ صرف دولت ۽ شهرت ڪاڻ آهي؟
ثناء وڌيڪ لکيو ته اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي زندگي انهن ماڻهن جي خدمت ۾ گذاريون جيڪي بي سهارا آهن.
هن جو چوڻ هو ته ڇا انسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته کيس ڪنهن به وقت موت اچي سگهي ٿو،؟ ۽ مرڻ کانپوءِ سندس ڇا ٿيندو؟ انهن ٻنهي سوالن جا جواب مونکي ڪافي وقت کان گهربل آهن، خاص ڪري ان ۾ ٻيو سوال ته مرڻ کان پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔