نوازشريف اقتدار کان محروم ٿيڻ جو بدلو پاڪستان کان نه وٺي: شبلي فراز

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير وزير شبلي فراز چيو آهي ته نوازشريف اقتدار کان محرومي جو بدلو پاڪستان کان نه وٺي.

سينيٽر شبلي فراز ٽوئٽ ڪندي چيو ته نوازشريف جا نظريات موسمن جيان بدلبا رهندا آهن. هي اقتدار کان ٻاهر هوندو آهي ته انقلابي بڻجي ويندو آهي.

اقتدار ۾ هوندو آهي ته  هن کان وڏو آمر ڪو ٻيو نه هوندو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته نوازشريف اقتدار کان محرومي جو بدلو پاڪستان کان نه وٺي.

شبلي فراز چيو ته نوازشريف کان پڇيل سوال اتي ئي بيٺل آهن. اثاثا ڪيئن ٺاهيا؟ پئسا ملڪ کان ٻاهر ڪيئن موڪليا.؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔