وزيراعظم پاران ڪرشنگ ۾ دير ڪرڻ تي سنڌ جي شوگر ملز مٿان ڳرو ڏنڊ رکڻ تي زور

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت کان ڪمند جي پيڙهائي ۾ دير ڪرڻ تي شوگر مل مالڪن مٿان ڳرو ڏنڊ رکڻ تي زور ڏنو.

مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم کنڊ ۽ ڪڻڪ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غلطي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

اجلاس جي حوالي سان ذريعن جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي حڪومت تازو هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن تحت ڪمند ڪرشنگ ۾ دير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ روزاني جي بنياد تي 5 لک روپين جو ڏنڊ رکيو ويو.

وزيراعظم چيو آئون چاهيان ٿو ته سنڌ حڪومت به اهڙي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن خلاف ان قسم جو ڏنڊ رکي.

هن اهو به ٻڌايو ته لاڳاپيل کاتن ملڪ ۾ تازو شوگر مل اسڪينڊل ۾ ملوث شوگر مل مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔