ملڪ ۾ ڪرونا پکيڙ ۾ واڌ، وڌيڪ 15 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 مريض فوت ٿي ويا، انگ وڌي 6 هزار 499 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ 625نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 3 لک 13 هزار 431 ٿي ويو. اين سي او سي مطابق 24ڪلاڪن دوران 558 مريض صحتياب ٿي ويا،جنهن بعد ايڪٽو ڪيسن جو انگ 8 هزار 877 ٿي ويو. ملڪ جي سمورن حصن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ فوتين جو انگ ٻه هزار 512 ٿي ويو. پنجاب ۾ ٻه هزار 237، ڪي پي ۾ 1260،اسلام آباد ۾ 182، بلوچستان ۾ 146، گلگت ۾ 88 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 74 شهري اجل جو شڪار ٿي ويا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔