مشهور آمريڪي ڪمپني ايمازون خريداري لاءِ نوان طريقا متعارف ڪرائي ڇڏيا

واشنگٽن: سڄي دنيا ۾ آن لائن شاپنگ جي حوالي سان مشهور آمريڪي ڪمپني ايمازون خريداري جي لاءِ جديد ۽ انتهائي آسان طريقا متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.ايمازون طرفان صارفين جي هٿ جي سڃاڻپ جي ذريعي رقم وٺڻ جو بائيو ميٽرڪ طريقو متعارف ڪرايو ويو آهي. هن جديد سسٽم کي ايمازون ون جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ذريعي صارفين انتهائي تيز آسان ۽ ڪنهن به شيءَ کي هٿ لاهڻ کان سواءِ اسٽور گيم کيڏڻ، ڪارڊ موڪلڻ، اسٽيڊيم جيان مختلف هنڌن تي انٽري ڪرڻ جو ڪم انتهالي بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهن ٿا.آمريڪي ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ايمازون گو ريٽيل هنڌن تي پنهنجو سسٽم انسٽال ڪري رهيا آهن جنهن جي باقاعده شروعات واشنگٽن جي ٻن اسٽورن تان ٿيندي. ايمازون جي نائب صدر دليپ ڪمار جو چوڻ آهي ته صارفين جي سڃاڻپ ۽ ٽرانزڪشنز جي لاءِ سسٽم کي تيز، ڀروسي جوڳو ۽ محفوظ بنايو ويو آهي. ايمازون ون هٿ جي منفرد نشانن جي ذريعي صارفين جي سڃاڻپ ڪندو آهي جنهن کي فنگر پرنٽس، آنرس ۽ چهري جي ذريعي سڃاڻپ جو متبادل بائيو ميٽرڪ سسٽم چيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔