ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڻ کي ڀاڪر پائي بيهڻ جو عالمي رڪارڊ آمريڪي عورت جي نانءُ

نيو يارڪ :دنيا ۾ ڪيترن ئي انوکن عالمي رڪارڊن جو توهان کي علم هوندو پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪا عورت وڻ کي ڀاڪر پائي به عالمي رڪارڊ جوڙي سگهي ٿي؟ جي ها تازو ئي هڪ عورت اهڙو رڪارڊ ٺاهيو آهي.
آمريڪي رياست ٽنيوسي سان واسطو رکندڙ عورت هڪ وڻ کي 10 ڪلاڪ 5 منٽ ڀاڪر پائي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو آهي.
ايڊريني لونگ نالي ان عورت هڪ پارڪ ۾ موجود اخروٽ جي وڻ کي 10 ڪلاڪ 5 منٽن تائين ڀاڪر پاتو، ان کان اڳ هڪ شخص وڻ کي 8 ڪلاڪ 15 منٽن تائين ڳلي لڳائي عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو هو پر ايڊريني لونگ ان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔