سنڌ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ سبب صرافا بازارن ۾ خريداري ۽ وڪرو گهٽجي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ سون جي اگهه ۾ آيل 8000 کان 10000رپيا في تولي جي لاٿ سبب صرافا بازارن ۾ هڪ هفتي کان سون جي خريداري ۽ وڪرو گهٽجي ويو، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سون جي اگهه ۾ آيل لاٿ واري لهر سونارن ۽ سيڙپڪارن کي لوڏي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سونا زيور خريد ڪرڻ جا خواهشمند پڻ سون جي اگهه ۾ استحڪام اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، هن وقت رڳو پنهنجو سون کڻي ايندڙ شهري ئي زيور ٺهرائي رهيا آهن، اهڙي صورتحال سبب ڪيترن صرافن جا ڪارخانا بند پيل آهن، جڏهن ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ڪاريگر پڻ بيرزگار بڻيل آهن، ان ڏس ۾ سونارا ايسوسيئشن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سون جا اگهه دبئي جي مارڪيٽ تي مدار رکن ٿا، اگهه ۾ استحڪام اچڻ بعد بهتري ايندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔