تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي مختلف خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جا دورا

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي مختلف خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جو دورو ڪيو ويو ، انتظاميا کي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي تفصيل موجب تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي جي مختلف خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جا دورا ڪيا، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني اسڪولز انتظاميا کي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته28 سيپٽمبر تي سمورن ڪلاسز جو آغاز ٿيندو ان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن، سندس چوڻ هو ته ڪلاسن ۾شاگردن کي سماجي وٿي رکرائڻ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ٻار وڌيڪ هجن ته ڪلاس شفٽن ۾هلايا وڃن، سعيد غني جو چوڻ هو ته اهو واضح آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾برداشت نه ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔