سپريم ڪورٽ پاران آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بابت جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو حڪم

اسلام  آباد: سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي (اي پي ايس) بابت جاچ لاءِ قائم ڪيل جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي پڌرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي .

ٻڌڻي دوران پاڪستان لاءِ اٽارني جنرل خالد جاويد خان انڪوائري ڪميشن رپورٽ تي جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جي ذميوارن خلاف هر ممڪن ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مٿان کان ڪارروائي جي شروعات ڪيو ، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آئنده اهڙي واقعن کان بچي سگهجي .

ان موقعي تي عدالت ۾ موجود شهيد ٻارن جي والدين چيو ته اهو واقعو دهشتگردي نه پر ٽارگيٽ ڪلنگ هو ، اسان جا ٻار واپس نه ٿا اچي سگهن پر اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن ٻئي جي ٻارن سان اهڙو واقعو پيش نه اچي .

هنن چيو ته هو جيئري ئي دفن ٿي چڪا آهن، سڄي عمر هيٺاهين وارن جو احتساب ٿيو آهي ، هن واقعي ۾ مٿاهين وارن ماڻهن کي سوگهو ڪيو وڃي ،جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس کي اسان هلائينداسين .

ان سان گڏ جسٽس فيصل عرب اها ڳالهه ڪئي ته اوهان چاهيو ٿا ته سڪيورٽي ۾ غفلت جي ذميوارن کي به سزا ملي

ان سان گڏ ئي چيف جسٽس پاران اهي ريمارڪس آڏو آيا ته الميو آهي ته هر وڏي سانحي جو ذميوار ننڍي ماڻهن  کي قرار ڏنو ويندو آهي وڏن کان ڪجهه به نه پڇيو ويندو آهي ، اها روايت ختم هئڻ گهرجي .

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي ڳالهه سان گڏ ئي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو سڄي قوم جو ڏک آهي ، ان تي چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي ته جيئن اهڙا واقعا نه ٿين ، اهي ماڻهوجن کي مقصد حاصل ڪرڻو هو انهن ڪري ورتو.

چيف جسٽس چيو ته سيڪيورٽي ادارن کي ان سازش جو اطلاع هجڻ گهرجي ها ، ايتري سڪيورٽي ۾ به عوام محفوظ ناهي .جڏهن عوام محفوظ ناهي ته پوءِ ايڏو وڏو ملڪ ۽ نظام ڇو پيا هلايو .

ان کان سواءِ عدالت آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي بابت جڊيشل ڪميشن رپورٽ ۽ اٽارني جنرل جا ڪمينٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو .

عدالت چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۽ حڪومت جي جواب جي ڪاپي به شهيدن جي والدين کي ڏني وڃي .

ان موقعي تي عدالت ۾ موجود شهيد ٻارن جي والدين چيف جسٽس کي 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ دعائيه تقريب شرڪت جي دعوت ڏني ، جنهن کي انهن قبول ڪري ورتو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔