پاڪستاني هندو برادري اڄ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو ڌرڻو ڏيندي

اسلام آباد: ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل خلاف هندو برادري سراپا احتجاج آهي ۽ اڄ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سامهون ڌرڻو ڏنو ويندو

ڀارت جي شهر جوڌپور ۾ 11 پاڪستاني هندن جي پراسرار موت خلاف سڄي ملڪ مان هزارين هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويا آهن.

هزارن جي انگ ۾ اسلام آباد پهچڻ واري هندو برادري جا ماڻهو پنهنجي طئي ڪيل پروگرام موجب ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هڻندا .

 هندو برادري جا قافلا گذريل رات سنڌ کان پنجاب ۾ داخل ٿيا هئا ته انهن جي قافلي ۾ 100 بسون شامل هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔