رحيم يار خان ۽ صالح پٽ ۾ پاڪ فوج جون تربيتي مشقون

راولپنڊي: رحيم يار خان ۽ صالح پٽ ۾ پاڪ جون تربيتي مشقون ٿيون .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز رحيم يار خان ۽ صالح پٽ ۾ ٿيل مشقن جو معائنو ڪيو .

آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي ۽ پنو عاقل گيريزن جي فوجي دستن مشقن ۾ حصو ورتو ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز فوجي جوانن جي آپريشنل تيارين ۽ تربيت جي معيار کي ساراهيو .

ان کان اڳ پاڪ فوج جي دستي روس ۾ هلندڙ گهڻ قومي فوجي مشقن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته فوجي مشقون ڪيو ڪاز 2020 ڏاکڻي روس جي شهر آستر ڪهان ۾ ڪيون پيون وڃن جيڪي 21 کا 26 سيپٽمبر تائين جاري رهنديون .

هن ٻڌايو ته فوجي مشقن ۾ شريڪ جوان گڏيل تجربن ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن جنهن سان کين مختلف چيلنجز تي ردعمل جاچڻ جو موقعو ملندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔