ملڪ ۾ ڪرونا جا 798 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 7 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 7 مريض جان جي بازي هارائي ويا،جنهن بعد فوتين جو انگ 6 هزار 444 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جا 798نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو  انگ 3 لک 9 هزار 15 تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي مطابق سنڌ ۾ وڌيڪ 6 ۽ گلگت ۾ هڪ مريضن دم ڌڻي حوالي ڪيو.پڌرائي موجب هيل تائين 2 لک 40 هزار 947 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته 544مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ملڪ ۾ 33لک 44 هزار 19 شهرين جون ٽيسٽون ڪيون ويون،جڏهن ته  ايڪٽو ڪيسن جو انگ 7 هزار 831  رهجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔