ڪرپشن ريفرنس: آصف زرداري تي 28 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد :اسلام آباد جي احتساب عدالت  اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت  سمورن جوابدارن تي 28 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عدالت آصف زرداري کي اسلام آباد ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين،ميگا مني لانڊرنگ ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾  اڳوڻي صدر  آصف زرداري کي طلب ڪري ورتو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪراچي جي احتساب عدالت جي رجسٽرار  کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته شريڪ جوابدار خواجا انور مجيد جي حاضري لڳائڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي.عدالت حڪم ڏنو ته خواجا انور مجيد  جي ويڊيو لنڪ ذريعي  حاضري لڳائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا  وڃن.عدالت مطابق جوابدار انور مجيد کي گهر يا اسپتال  مان ويڊيو لنڪ جي ذريعي  پيش ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔