انوائرومينٽل ڪميشن نومبر ۾ اسموگ سبب ڪورونا ڦهلجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

لاهور: جوڊيشل واٽر اينڊ انوائرمينٽل ڪميشن جي چيئرمين علي اڪبر قريشي چيو آهي ته نومبر مهيني ۾ اسموگ جو خدشو موجود آهي جيڪو ڪورونا جو سبب ٿي سگهي ٿو.

لاهور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جوڊيشل واٽر اينڊ انوائرمينٽل ڪميشن جي چيئرمين علي اڪبر قريشي چيو آهي ته اسموگ جي امڪان سبب سرن جا بٺا ٻن مهينن لاءِ بند رهندا.

هن چيو ته اسموگ جو وڏو سبب ٽريفڪ آهي، لاڳاپيل کاتو دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي نه پيو ڪري.

ان موقعي تي ماحوليات جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ماحوليات، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرفڪ ڊپارٽمينٽ جون ٽيمون لاهور ۾ اسموگ جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن، 90 سيڪڙو گاڏيون خانگي آهن جن جي فٽنس چيڪ ڪرڻ جو قانون موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔