وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت مخالف فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نوازشريف جي سياسي سرگرمين ۽ اي پي سي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب جو قانوني جائزو ورتو ويندو ۽ ڪابينه آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حڪومت جي خلاف تحريڪ کي منهن ڏيڻ جي حڪمت طئي ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه سياسي اڳواڻن جي نيب ڪيسن ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي به غور ڪندي. تعليم وارو وير شفقت محمود ۽  صحت وارو صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا تي بريفنگ ڏيندو. جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال، اٽو ۽ کنڊ جي اگهن تي به بريفنگ ڏني ويندي. وفاقي ڪابينه جي اڄ ٿيندڙ اجلاس جو 14 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ماڊل جيل جي تعمير جي لاءِ ماسٽر پلان ۾  تبديلي به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

بجلي جي ورهاست بابت ايپليٽ ٽربيونل جي چيئرمين ۽ ميمبر جي مقرري به ڪابينه جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ان کان علاوه وفاقي ڪابينه، ماحولياتي تحفظ ايڪٽ جي تحت انوائرمينٽل ٽربيونل اسلام آباد جي چيئرمين جي مقرري، پاڪستان آئس لينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايڪٽنگ چيئرمين جي مقرري جي قائدن ۽ ضابطن جي منظوري به ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔