ناليواري شاعر ۽ اديب رئيس امروهوي جي 32 هين ورسي

لاهور: ناليواري شاعر ۽ اديب رئيس امروهوي جي اڄ 32 هين ورسي ملهائي پئي وڃي ، سندس دل کي ڇُهندڙ شعر اڄ به سڄي دنيا ۾ پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا .

ناليواري شاعر،ڪالم نگار ۽ دانشور رئيس امروهوي کي اردو ٻولي سان تمام گهڻي محبت هئي ، قطعن لکڻ ۾ کين عبور حاصل هو ، اهو ئي سبب آهي جو ملڪي ۽ غير ملڪي سطح  تي قطعي نگاري ۾ کيس تمام گهڻي شهرت ملي . رئيس امروهوي کي نثر نگاري ۾ به عبور حاصل هو .

رئيس امروهوي 12 سيپٽمبر 1914 ع تي هندستان جي شهر امروها ۾ هڪ ادبي گهراڻي ۾ اکيون کوليون ،سندس والد علاما سيد شفيق به شاعر ۽ عالم هو . رئيس امروهوي جو اصل نالو سيد محمد مهدي هو ،هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات صحافت سان ڪئي .

پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هو امروها ۽ مراد آباد مان نڪرندڙ ڪيترن ئي رسالن سان وابستا رهيو ، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ خاندان سوڌو ڪراچي لڏي آيو ۽ پوءِ هتان جو ئي ٿي رهيو .

رئيس امروهوي جي شعري مجموعن ۾ الف ، پس غبار، لاله صحرا ، ملبوسِ بهار، آثار ۽ قطعن جا چار ڪتاب شامل آهن جڏهن ته نفسيات ۽ ٻين موضوعن تي به هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتاب آهن .

22 سيپٽمبر 1988 تي ناليواري شاعر ۽ اديب کي اڄ ڄاتل ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔