نااهل وزيراعظم قوم کي چوي ٿو ته تيار ٿي وڃو، گئس بحران اچڻ وارو آهي: ن ليگ اڳواڻ

لاهور : نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت نواز شريف جي خطاب مان نه، پر اِن ڳالهه تي خوش ٿي رهيو آهي ته عمران خان ٻن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت کي ويهاري ڇڏيو آهي، هن چيو ته عمران نيازي ڪشمير جي ورهاڱي جو ذميوار آهي ۽ ڀارت اِن لاءِ خوش آهي ته عمران خان ملڪي سياست کي ڏڦيڙ ۾ ڌِڪي ڇڏيو، نااهل وزيراعظم قوم کي چوي ٿو ته تيار ٿي وڃو، گئس بحران اچڻ وارو آهي، عمران نيازيءَ کي خبر آهي ته گئس بحران سان نه رڳو غريبن جي گهرن جا چُلها ٿڌا ٿي ويندا، پر صنعتون به بيهجي وينديون، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي ٽي آءِ ۽ نيب تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته منهنجي ضمانت تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهڻ کان پوءِ سموري ملڪ اڳيان حقيقت پڌري ٿي وئي، نيب چيئرمين پاڻ اڳوڻو جج هئڻ باوجود اهڙن فيصلن مان سبق حاصل نه ڪري سگهيو، اپوزيشن کي ملندڙ عوامي حمايت سان حڪومت خوف ۾ وڪوڙيل آهي، عوامي احتجاج تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔