ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 6 هزار 399 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ 545 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽس مطابق وائرس سٽيل مريضن جو انگ 3 لک 3 هزار 634 تي پهچي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرل جو چوڻ آهي ته ايڪٽو ڪيسز جو انگ وڌي 6 هزار 66 ٿي ويو آهي. رپورٽس مطابق سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسن جو تعداد هڪ لک 32 هزار 818، پنجاب ۾ 98 هزار 41،ڪي پي ۾ 37 هزار 185،بلوچستان ۾ 13 هزار 798، اسلام آباد ۾ 16 هزار پنج، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻه هزار 451 ۽ گلگت ۾ ٽي هزار 336 ٿي ويو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔