ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي 22 تعليمي ادارا بند

اسلام آباد: ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي 22 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو .

سڄي ملڪ ۾ اٽڪل 7 مهينن کانپوءِ تعليمي ادارا کوليا ويا آه پر حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪيون ويون  آهن جن تي عمل نه ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو پيو وڃي .

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي 22 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي .

اين سي او سي موجب خيبرپختونخواهه ۾ 16 ، اسلام آباد ۾ هڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ 5 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔