ام رباب چانڊيو جي 3 گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هڪ هفتي جي مهلت

اسلام آباد : ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ پوليس کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ ڪڍندي چيو ته پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته پوليس ڊائري ۾ ڏيکاريو ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇاپا هنيا؟ ڊي آءِ جي چيو ته رڪارڊ مون وٽ نه آهي، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته رڪارڊ ڇو نه کڻي آيا آهيو؟ ڇا توهان کي دعوت کائڻ لاءِ عدالت گهرايو اٿئون؟ پوليس رپورٽ ۾ رڳو ڪهاڻيون لکيون آهن، توهان اُن کان بچي نٿا سگهو، ٻڌڻي دوران اُم رباب چيو ته جنهن ايس ايڇ او پنهنجي موجودگي ۾ قتل ڪرايا، اُهو عهدي تي بحال ٿي چڪو آهي، پوليس اُن ايس ايڇ او کي جاچ ۾ به شامل ناهي ڪيو، جوابدارن جي سِر جي قيمت به اڃا تائين مقرر ناهي ٿي، عدالت هڪ هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔