ايف بي آر پاران اپيلن وارو اي نظام متعارف ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد؛ فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس اختيارين جي فيصلن خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو هڪ نظام متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بورڊ درخواست ڪندڙن سان هڪ آن لائن گڏجاڻي ۾ چيو ته جلد ئي هڪ خودڪار نظام جو آغاز ڪيو ويندو جنهن تحت ٽيڪس ڏيندڙ ايئ ايس ويب پورٽل تي برقي طريقي سان انڪم ٽيڪس اختيارين جي فيصلن خلاف اپيل داخل ڪري سگهندا.
اهو سسٽم اپيل جي ڪمشنر کي اپيل جي سماعت کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.
بورڊ چيو ته نئون خودڪار نظام ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجون درخواستون سڀني گهربل درخواستن ۽ دستاويزن سان گڏ ڏيڻ جي قابل بڻائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔