آءِ جي پنجاب موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ في الحال ڪنهن جوابدار جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي

لاهور : آءِ جي پنجاب موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ في الحال ڪنهن جوابدار جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي، پنجاب پوليس جي سربراهه انعام غني عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري متعقل مختلف ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي، آءِ جي پنجاب چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي جوابدارن ۽ عورت جي شيئر ڪيل تصوير به جعلي آهي، ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، انعام غني جو چوڻ آهي ته ڪيس جاچ مان پاڻ ڪريان پيو، ڪنهن ڪاميابي تي ميڊيا کي پاڻ آگاهه ڪندس، هن چيو ته اهڙين غير تصديق ٿيل خبرون ڪيس تي اثرانداز ٿينديون آهن ۽ عوام جي لاءِ به گمراهه ڪندڙ آهن، ڪيس جاچ جاري آهي، جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔