بلديا فيڪٽري سانحي تي دستاويزي فلم ”ڊسڪائونٽ ورڪر“ تيار

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ واقعي ڪپڙي جي فيڪٽري علي انٽر پرائزز ۾ لڳڻ واري بدترين باهه ۽ ان ۾ سڙي مري ويلن 260 ماڻهن جي مائٽن ۽ انهن جي خاندانن جي ڏکن ۽ تڪليفن تي ٺاهيل دستاويزي فلم ڊسڪائونٽ ورڪر کي يورپ ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو .

پاڪستاني فلم ساز عمارعزيز ۽ جرمن فلم ساز ڪرسٽوفر پاٽز جي دستاويزي فلم ”ڊسڪائونٽ ورڪر“ کي 11 سيپٽمبرتي يورپي ملڪ چيڪو جمهوريا جي شهر پراگ ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو .

ڊسڪائونٽ ورڪر کي پراگ ۾ هر سال ٿيندڙ ” ون ورلڊ فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ ٻين دستاويزي فيوچر فلمن کي پيش ڪيو ويندو .

هي فلم فيسٽيول انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٺاهيل فلمن جي نمائش جي حوالي سان دنيا جو اهم ترين فلم فيسٽيول آهي .

ان فلم فيسٽيول ۾ گهڻو ڪري سانحن ۽ واقعن تي ٻڌل دستاويزي يا حقيقي فيچرفلمون پيش ڪيون وينديون .

ان کان سواءِ ان دستاويزي فلم کي جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ هيومن رائٽس فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔