آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس جا اگهه اڃا وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان هڪ ڀيرو ٻيهر گيس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطو ٿيو جنهن ۾ عالمي مالياتي اداري طرفان پاڪستان کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان تي بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائڻ لاءِ زور ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بندوبستن تي زور ڏنو آهي. ان کان سواءِ بجلي جا نقصان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بندوبستن تي به زور ڏنو آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته نيپرا ۽ اوگرا کي اگهن جي باري ۾ فيصلن لاءِ وڌ کان وڌ خودمختياري ڏني وڃي.

ان کان سواءِ آءِ ايم ايف طرفان معاشي ۽ ٽيڪس سڌارن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو آهي جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽن مهينن جي ٽيڪس جو هدف هر صورت حاصل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽن مهينن ۾ 1 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔