ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي

اسلام آباد: ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي

موسميات کاتي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام  آباد سميت پنجاب ۾ خميس ڏينهن موسم خشڪ ۽ گرم رهندي جڏهن خيبر پختونخواه ۽ گلگت بلتستسان ۾ گجگوڙ سان هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي .

مالا ڪنڊ، مانسهره، شانگلا، دير ، چترال ۽ ڪرم ايجنسي ۾ به ڪيترين ئي جاين تي برسات ٿي سگهي ٿي ، ڪشمير ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالي رهندي ۽ ڪن جاين تي برسات به ٿي سگهي ٿي .

بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔