حڪومت مون کي ۽ منهنجي خاندان کي انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي: شهباز شريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت مون کي ۽ منهنجي خاندان کي انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي.

احتساب عدالت لاهور جي ايڊمن جج جوادالحسن شهباز شريف ۽ سندس وارثن جي خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾  مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف پيش ٿيو پر حمزه شهباز  بيمار هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو. شهباز شريف عدالت جي ڪمري ۾ ڳالهائڻ جي اجازت طلب ڪئي ۽ چيو ته مان 10 سالن دوران شفاف نيلامي جو ڪم ڪيو آهي.

هن ملڪ جي پائي پائي بچائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. مان پنهنجي 3 دورن ۾ سرڪاري ناڻي مان هڪ روپيه به ذاتي استعمال نه ڪيو. منهنجي فيصلن سبب منهنجي خاندان جي ماڻهن جي  ڪاروبار کي نقصان پهچايو. شهباز شريف چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جي قيمت 182 روپيه مڻ مقرر ڪئي ۽ اسان 180 روپيه مڻ مقرر ڪئي. جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪمند جي قيمت 155 مقرر ڪري ڇڏي جنهن سبب اسان مٿان دٻاءُ آيو پر مان قيمت گهٽ نه ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ قيمت 172 مقرر ڪئي ۽ 12 روپيه سبسڊي ڏني. مون وٽ ڪيتريون ئي درخواستون آيون. منهنجي خاندان جو دٻاءُ به هو مون چيو ته منهنجي استعيفيٰ هي پئي آهي پر مان ڪنهن قيمت تي ڪمند جي قيمت هڪ ٽڪو به گهٽ نه ڪندس. منهنجي فيصلي سان منهنجي خاندان جي ٻن ملن کي هڪ ارب روپين جو نقصان ٿيو.

صدر(ن) ليگ شهباز شريف عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت مون کي ۽ منهنجي خاندان کي انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي هي نيب بيازي ڳٺ جوڙ آهي پر مون کي رب جي ذات تي پورو ڀروسو آهي اسان کي انصاف ضرور ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔