پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي آمد، عمرڪوٽ ضلعي جي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي دوري جو اطلاع ملندي ئي عمرڪوٽ جِي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، شهر جي رستن ۽ گهٽين تي صبح ساڻ صفائي ڪئي وئي، ميونسپل عملي ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود گپ چِڪ کي به هٽائي ڇڏيو، پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت طرفان بلاول ڀٽو جي آجيان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون، پ پ چيئرمين عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ جانهيرو ۽ چيل بندو سوڌو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيمپس جي دوري سان گڏ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن سان ملاقاتون به رٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔