خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي اونڌي، 2 ٻار ٻڏي ويا

خيرپور:پير ڳوٺ ڪچي واري علائقي ۾ سيلاب متاثرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 18 ماڻهو ٻڏي ويا.

پوليس موجب ڳوٺ مورجهر جا ماڻهو سيلاب جي ڪري لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا ته ڪچي واري علائقي ۾ سندن ٻيڙي ٻڏي وئي.

پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي سان حادثو ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار ڪرڻ سان ٿيو، ٻيڙي ۾ ٻار ۽ عورتن سميت 18 ماڻهو سوار هئا.

سوشل ميڊيا تي ٻيڙي ٻڏڻ جي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻيڙي ٻڏڻ کان اڳ ڪجهه ماڻهن ٻيڙي مان بُل ڏنو پر پوءِ به ٻيڙي مڪمل ٻڏي وئي.

پوليس موجب ٽوٻن امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن، ٻن ٻارن جا لاش پاڻي مان ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته 10 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو آهي باقي ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔