لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جي هڪ ڀيرو وري چڙڏياريندڙ ڪارروائي ، 3 شهري زخمي

راولپنڊي : ڀارتي فوج هڪ ڀيرو وري لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ ڪري 3 شهرين کي زخمي ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي تي بيدوري سيڪٽر ۾ بنا ڪنهن جواز جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو آهي .

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي چڙڏياريندڙ فائرنگ سان 3 بي گناهه شهري زخمي ٿي ويا .

عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔