اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، حڪومت نيب ۽ پوليس گردي ڪري رهي آهي: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت نيب ۽ پوليس گردي ڪري رهي آهي. لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) ۾ نيب آفيس ۾ هنگامه آرائي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالت رانا ثناءُالله جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪندي پوليس کي 16 سيپٽمبر تائين رانا ثناءُالله کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت رانا ثناءُالله کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. رانا ثناءُالله عدالت کي يقين ڏياريو ته مان ضرور جاچ ۾ شامل ٿيندس. نيب آفيس ٻاهران سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل هئا اهي سيف سٽي سٽي ڪيمرا گهرايو سڀ سامهون اچي ويندو. جنهن تي عدالت چيو ته اوهان جاچ ۾ شامل ٿيو سمورو ڪم قانون موجب ئي ٿيندو.

ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مخالف ڌر کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هن ڪيس ۾ به دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته حڪومت نيب گردي ۽ پوليس گردي ڪري رهي آهي پر ان باوجود مان سڀاڻي نيب ۾ پيش ٿي رهيو آهيان ۽ مون پنهنجي نيب ۾ پيشي دوران ڪنهن کي به اچڻ جو ناهي چيو. پر جيڪڏهن ماڻهو يڪجهتي جي اظهار لاءِ ايندا ته ڇا ٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔