نئون ڪوٽ ڀرسان ايل بي او ڊي کي هڪ ٻيو گهارو،ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوف

ڪراچي: نئون ڪوٽ ڀرسان ايل بي او ڊي کي هڪ ٻيو گهارو پئجي ويو، آر ڊي 287 وٽ 2 سئو فُٽ جو گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوف، آبپاشي عملو ايل بي او ڊي کي 9 ڏينهن اڳ لڳل ساڍا 300 فُٽ گهارو بند ڪرڻ ۾ ناڪام، گهارن جي پاڻي نئون ڪوٽ جي هرِيجن ڪالوني ۾ 30 کان وڌيڪ گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو، ڍوري جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ بعد نئنو ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ڪُنري وچ ۾ ٽرئفڪ ٻن ڏينهن کان معطل، رهواسي پريشان، انتظاميا رستن ۽ شاخن جي ڪنارن تي ترسيل متاثرن جي سار نه لڌي، متاثر راشن ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري جو دورو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔