ڪوبه ڪم رولز خلاف نه ڪيو آهي، قانون پٽاندڙ سمري آئي ۽ اُن کي منظور ڪيو ويو: يوسف رضا گيلاني

راولپنڊي : اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشا خانه ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته ڪوبه ڪم رولز خلاف نه ڪيو آهي، قانون پٽاندڙ سمري آئي ۽ اُن کي منظور ڪيو ويو، سمري غلط هجي ها ته اُها مووَ ئي نه ٿئي ها، نيب رولز آف بزنس ڏسڻ کانسواءِ ريفرنس ٺاهيو آهي، آصف زرداري شوئرٽي بانڊ تي صحيح ڪئي، جڏهن ته عدالت ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ٽن شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي، نيب جي شاهدن ۾ وقار شاهه، زبير صديقي ۽ عمران ظفر شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔